پاڙي واري

پاڙي واري (فلم ): دبئيءَ جي ڪويتا ۽ لڇمڻ ڀاٽيا طرفان 2001ع ۾ رليز ٿيل فلم ”پاڙي واري“ هڪ صاف سٿري ۽ سکيا ڏيندڙ فلم آهي. هيءَ فلم سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي نئين ٽهيءَ کي پنهنجي مادري ٻولي سکڻ لاءِ اتساهيندڙ آهي، هن ۾ ڏنل پيغام هينئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي. فلم جي ڪهاڻي، پلاٽ، قصو ۽ گفتگو ڪافي جاندار آهي، جنهن جو جس ايس. پي. مينگهاڻي ۽ واسديو نرمل ڏانهن وڃي ٿو. هن فلم جي ڪاميابيءَ جو سهرو فلم جي هدايتڪار ڪيلاش آڏواڻيءَ جي سِر تي آهي، جنهن کي هندي فلمن ٺاهڻ جو چاليهن سالن جو تجربو آهي. کيس فيضي مجمدار، گلزار، رامانند ساگر ۽ بي. آر چوپڙا جهڙن نامور ڊائريڪٽرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ”پاڙي واري فلم“ جي مکيه اداڪارن ۾ راڪي ڀاٽيا ۽ آرتي ماکيجاڻيءَ پنهنجي اداڪاريءَ جا ڪمال جوهر ڏيکاريا آهن. اجيت وڇاڻي، دليپ ٽهل، روچي شرما، سيما موٽواڻي، شانو، جئشري ٽي ۽ گهنشيام جو به کين سٺو ساٿ ۽ سهڪار حاصل رهيو آهي. البته دليپ ٽهل جا سنڌي هوندي به اُچار درست نه آهن، ان ڪري اُهي ڊائلاگ جيڪڏهن ٻئي ڪنهن کان چوَرايا وڃن ها ته بهتر ٿئي ها.


لفظ پاڙي واريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو